عالم ڪارو

عالم ڪارو

عالم ڪارو

عالم ڪارو (گائيڪ): عالم ڪارو ولد محمد بچل مڱڻهار جو جنم 1935ع ڌاري ڳوٺ ڀڳل (ٿر) عمرڪوٽ ۾ ٿيو. راڳ جي سکيا پنهنجي والد محمد بچل فقير کان ورتائين. پهريون ڀيرو درگاهه ڪامارو شريف ۾ ڳايائين. سموري سنڌ ۾ ڳائي چڪو آهي، عالم ڪاري جون اٽڪل ويهارو کن ڪيسٽون مارواڙيءَ ۾ پڻ پڌريون ٿيون، جيڪي ڪافي مقبول ويون، کيس مارواڙي گيتن جو بادشاهه پڻ سڏيو وڃي ٿو. مارواڙيءَ ۾ سندس گيت: (1) هالو سهليڙان پاڻي نان هلا، (2) لکي وڻجهارا ري، لي هالو گجرات، (3) وو جيجل ماءُ... تمام گهڻو مقبول ٿيا آهن. عالم ڪاري جا پنج پٽ: برڪت علي، حاڪم علي، امير علي، گلزار علي ۽ معشوق علي سڀ فنڪار آهن ۽ ڳائي رهيا آهن.


لفظ عالم ڪاروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو